باڊھه (ن پ ا) باڊھه جي درگاهه شريف پاڙي مان يتيم ناري سائره ميربحر هٿيار بندن هٿان مبينا اغوا ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ ناري جي مامي علينواز ميربحر نامعلوم جوابدارن خلاف پوليس وٽ پهچي اين سي داخل ڪرائي ورتي آهي، ناري جي مامي جو چوڻ آھي ته سائره يتيم آھي، سندس پيءُ فوت ٿي ويو آھي، هوءَ باڊھه ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ پنهنجي امڙ ڏانهن وڃي رهي هئي ته کيس نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري ويا آھن، هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته يتيم ناري کي بازياب ڪرايو وڃي.