ڪرمپور ويجهو جوابدر مڙس پسٽل جا فائر ڪري گهر واري کي زخمي ڪري ڇڏيو

0
319
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

ڪرمپور (ن پ ا)ڪرمپور ويجهو ڳوٺ مهراڻ خان بجاراڻي ۾ جوابدر مڙس پسٽل جا فائر ڪري گهر واري کي زخمي ڪري ڇڏيو، جوابدار علي اڪبر لاشاري گهر واري کي گوليون هڻڻ بعد پاڻ به خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، ان دوران ڳوٺاڻن همت ڪري جوابدر کان پسٽل ڦري ورتو، زخمي ٿيل عورت کي وارث ڪرمپور ٿاڻي تي کڻائي آيا پوليس مڊيڪل ليٽر ڏيئي کيس ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته واقعي بعد جوابدر فرار ٿي ويو، زخمي ٿيل عورت مڙس کان ڪاوڙجي پيءَ وٽ ترسيل هئي جتي مڙس اچي پسٽل جا فائر ڪري زخمي ڪري ڇڏيو.