ڪراچي ۾ گلشن سيد ٽينٽ سٽي کي ڊاهڻ لاءِ آپريشن، لٺبازي، نينگر مارجي ويو، پنج ڄڻا زخمي

0
144

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ناردرن بائي پاس تي گلشن سيد ٽينٽ سٽي کي ڊاهڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو، پوليس ۽ عملي جي لٺبازي ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ٻڌايو پيو وڃي ته ان دوران هڪ نينگر مارجي ويو

ناردرن بائي پاس تي گلشن سيد ٽينٽ سٽي کي ڊاهڻ لاءِ آپريشن، ٻوڏ متاثرن طرفان سخت مزاحمت ڪئي وئي

پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس ٻوڏ متاثرن تي لاٺي چارج ڪري ڏني، شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ، ڪيترائي متاثر زخمي ٿي پيا

رهواسين جو چوڻ هو ته اسان ٻوڏ متاثر آهيون، سازش تحت اٿاريو  پيو وڃي، اڳ به آپريشن ڪري اسان مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا

انتظاميا جو چوڻ آهي ته سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو آهي، قبضا خالي ڪيا وڃن، ڳوٺاڻن پٿراءُ ڪيو آهي

ريسڪيو ذريعن موجب لٺبازي، فائرنگ ۽ شيلنگ ۾ هڪ نينگر مارجي ويو آهي