ڪراچي ۾ ڪورونا جا وار، سخت فيصلن جو امڪان

0
310
ڪراچي ۾ ڪورونا جا وار، سخت فيصلن جو امڪان
ڪراچي ۾ ڪورونا جا وار، سخت فيصلن جو امڪان

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب شهر ۾ ڪرونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي شهرين کي سخت فيصلن کان خبردار ڪري ڇڏيو

هڪ بيان ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته گذريل ٻن هفتن ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي ۽ ڊيٽا جو جائزو ورتو پيو وڃي

هن چيو ته حڪومت صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي، شهري ويڪسينيشن ڪرائن ۽ ايس او پيز تي عمل ڪن، شهري چاهين ٿا ته سخت فيصلا نه ٿين ته حڪومت جو ساٿ ڏين

مرتضيٰ وهاب چيو ته جيڪڏهن اسپتالن مان ڪورونا مريض جو دٻاءُ نه رهيو ته صورتحال معمول تي رهي سگهي ٿي پر حڪومت زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪندي

صحت کاتي جو بيان

ٻئي طرف صوبائي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هڪ هفتي دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 9.96 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ هڪ هفتي دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 1.21 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، ان دوران 8 ماڻهو ڪورونا جي ڪري فوت ٿي ويا آهن