ڪراچي ۾ پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مبينا مقابلو، 2 ڏوھاري مارجي ويا

0
285

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلي جي نتيجي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا، جڏهن ته 2 جوابدار زخمي پڻ ٿي پيا. پي آءِ بي ڪالوني واري علائقي جي صفيه گرائونڊ وٽ ڏوهارين جي گرفتار ٿيل ساٿي جي نشاندهي تي پوليس پهتي ته مقابلو ٿي پيو. ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي ڏي وٺ بعد گوليون لڳڻ سبب گينگ وار سان واسطو رکندڙ 4 جوابدار زخمي ٿي پيا، جن مان 2 ڄڻن اسپتال نيئندي دم ڏئي ڇڏيو. مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ عامر احمد ۽ بلال احمد طور ڪئي وئي، جڏهن ته 2 زخمين کي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. ايس ايس پي ايسٽ ساجد سدوزئي ٻڌايو ته مارجي ويل جوابدارن جو واسطو گينگ وار جي احمد علي مگسي گروپ سان آهي، جيڪي شهر ۾ ڀتو وصول ڪندا هئا..