ڪراچي ۾ پنهنجي سڃاڻپ ۽ مالڪي

0
93
ڪراچي ۾ پنهنجي سڃاڻپ ۽ مالڪي

 ڪراچي جي پڙهيل ڳڙهيل، ڪاروباري شخصيتن، اهم کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ڊنگ ڪامورن ۽ اسان جهڙن پاڻ کي فني خان سمجهندڙ اديبن، صحافين ، سماج سڌارڪ  ۽ قومپرست اڳواڻن جي ڳوٺ شهيد مخدوم بلاول ۾ ڪالهه اوچتو  سائين وارث ڏنو شر سان ملاقات ٿي جيڪو سچل ڳوٺ جي ووٽرز ڊسپلي سينٽر تان اٿي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ هن ڳوٺ به آيو هو ته هتي به ماڻهن کي پنهنجا ووٽ تصديق ڪرڻ جو موقعو ملي ته ڇا سندن ووٽ پنهنجي رهائش واري هنڌ تي داخل آهي؟ اگر نه ته هو فارم ڀرائي سائين وارث ڏني وٽ جمع ڪرائين.. وارث ڏني شر جي ڏنل معلومات مونکي حيران ڪري ڇڏيو ته مخدوم بلاول ۾ رڳو 80 ماڻهن جا ووٽ مشڪل سان داخل آهن، اهڙي ريت شرڳوٺ ۾ فقط 17 ۽ ٻين سنڌي آبادين ۾ به اهڙي ئي حالت آهي .هن ٻڌايو ته سچل ڊسپلي سينٽر تي سوين پٺاڻ ووٽ داخل ڪرائڻ اچن ٿا پر پنهنجن همراهن کي ڪو الڪو ڪونهي. اسان جي سنڌي ماڻهن جا اڃا تائين شناختي ڪارڊ به پراڻين ڳوٺ وارين ائڊريسز تي آهن، اڃا اسان کي ڳوٺ ۾ ووٽ ڏيڻ جو الڪو ڪجهه وڌيڪ ئي آهي. اسان جا ٻار هتي ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز ۾ ڪيئن پڙهندا، سنڌ جي گادي واري شهر ۾ اسانجو دستاويزي طور تي ڪهڙو اسٽيٽس بيهندو اسان کي ڪا پرواهه ئي ڪانهي. خدارا ڪجهه هوش ڪريو، پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جي مستقبل لاءِ ضروري قانوني دستاويز يعني سڃاڻپ ڪارڊز تي ڪراچي جون ائڊريسون، ووٽن جي داخلا ۽ ڊوميسائل يقيني بڻايو ٻي صورت ۾ سمجهي ڇڏيو ته ان کان وڌيڪ پاڻ سان دشمني ٻي نٿي ٿي سگهي.