ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي جي رڳو هڪ ٽائون ميونسپل ڪاميٽي ۾ چيئرمين پاران مهيني ۾ 27 لک رپين جو پيٽرول استعمال ڪرڻ جو انڪشاف! ٽائون جي ميونسپل ڪمشنر پاران چيئرمين جو پيٽرول وارو اماڻيل بِل اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏيو، ميونسپل ڪمشنر پاران 27 لک جي استعمال ڪيل پيٽرول جو چيئرمين کان رڪارڊ گھرايو ويو! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ڪراچي جي ٽائون ميونسپل ڪاميٽي (ٽي ايم سي) سفوران جي چونڊيل چيئرمين جو شاهاڻو خرچ سامهون اچي ويو آهي. ٽي ايم سي سفوران جي چيئرمين راشد خاصخيلي پاران رڳو هڪ مهيني ۾ 27 لک رپين جو رڳو سرڪاري پيٽرول استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته چيئرمين راشد خاصخيلي پاران پنهنجي ٽائون ميونسپل ڪمشنر ڏانهن 27 لک رپيا پيٽرول جي مد ۾ خرچ ڏيکاري بِل پاس ڪرڻ لاءِ اماڻيو ويو، جنهن تي ميونسپل ڪمشنر پاران اهڙو بِل پاس ڪرڻ بجاءِ چيئرمين کي واپس اماڻي تفصيل گھرائي ورتا آهن. ان حوالي سان سفوران ٽائون جي ميونسپل ڪمشنر منور ملاح پاران چيئرمين راشد خاصخيلي ڏانهن خط لکي کائنس وضاحت طلب ڪندي لکيو آهي ته هڪ مهيني ۾ ڪهڙي گاڏي استعمال ڪري ايترو پيٽرول استعمال ڪيو ويو؟ جڏهن ته خط ۾ لکيو ويو آهي ته مئي مهيني ۾ جنهن جنهن ڏينهن تي جيڪا گاڏي استعمال ڪئي وئي آهي ان گاڏي جا تفصيل ڏئي سفر جو مفاصلو به ٻڌايو وڃي. ان سلسلي ۾ ميونسپل ڪمشنر منور ملاح رابطو ڪرڻ تي ”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو ته صفائي واريون تقريبن گاڏيون به سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جون آهن، ان باوجود هڪ مهيني ۾ 27 لکن جو پيٽرول استعمال ٿيڻ تي سوال پيدا ٿين ٿا، ان ڪري چيئرمين کان تفصيل گھرايا آهن.