ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻڪرن کي مصنوعي ڏند هڻي قرباني لاءِ وڪڻڻ جو انڪشاف، پوليس 7 ٻڪر هٿ ڪري ورتا، واپاري زال مڙس گرفتار، پوليس موجب گلبرگ چورنگي تي حيدرآباد مان ٻڪر کڻي وڪرو ڪرڻ پهتا هئا، ٻڪرن کي مصنوعي ڏند يعني پلاسٽڪ جا ڏند لڳل هئا، شهرين پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پهچي واپاري زال مڙس کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب 7 ٻڪر به تحويل ۾ ورتا ويا آهن، شهرين قانوني ڪارروائي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، واپارين کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.