ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو وسڪارو، ڇنڇر تائين جاري رهڻ جو امڪان

0
279
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اڄ به بوبداباندي جو امڪان
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اڄ به بوبداباندي جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو وسڪارو، سڀاڻي تائين جاري رهڻ جو امڪان، پي ڊي ايم ٻيهر الرٽ جاري ڪري ڇڏيو،

ڪراچي ۾ برسات جو وسڪارو جاري رهيو، جڏهن ته لياقت آباد، اورنگي ٽائون، 33 نمبر اسڪيم ۽ گلزار هجري ۾ پاڻي بيهجي ويو، موسميات کاتي موجب برسات جو وسڪارو ڇنڇر تائين جاري رهندو،

برسات جو وسڪارو ڪراچي سميت بدين، ٺٽي، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ گهوٽڪي ۾ به ٿيندو، ٻئي طرف پي ڊي ايم اي پاران سنڌ جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.