ڪراچي ۾ قتل ٿيل داد لغاري واسي نوجوان جو لاش وارثن حوالي

0
232

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان هٿ آيل داد لغاري واسي نوجوان جو لاش 30 ڪلاڪن بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس ڪا به گرفتاري ناهي ڪري سگهي. الفلاح ٿاڻي جي حد مان هڪ ڏينهن اڳ هٿ آيل محمد علي ميراڻي جو لاش سندس گهر واري ۽ ڀيڻ وصول ڪيو. مقتول جي ڀيڻ رخسانا ميراڻي ٻڌايو ته ننڍي ڀاءُ کي وڏي ڀاءُ قربان ميراڻي پنهنجي زال سان گڏجي قتل ڪيو، قتل ۾ منهنجو مڙس به ملوث آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڀاءُ کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد سندس لاش اڇلايو ويو، قاتل ڀاءُ، ڀاڄائي فرار ٿي ويا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪراچي ۾ رهندڙ داد لغاري واسي ڀائرن ۾ گهريلو تڪرار تان جهيڙو ٿيو، جنهن بعد وڏي ڀاءُ ننڍي ڀاءُ کي قتل ڪري لاش کي ڦٽو ڪري ڇڏيو.