ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 2 ڄڻا قتل، گلستان جوهر جي بلاڪ 9 ۾ دبئي هائوس وٽ ھٿياربندن فائرنگ ڪري 27 ورهين جي نعمان وٽ محمد رياض کي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن موجب نعمان پنهنجي دوست سان گڏ موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هو ته ڦورن کانئس ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي، نعمان موٽر سائيڪل نه بيهاري، موٽر سائيڪل نه بيهارڻ تي ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نعمان مارجي ويو. ٻئي طرف بلديه جي سيڪٽر اي 12 ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 35 ورهين جي مير علي شاهه پٽ سعيد علي شاهه کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو،