ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ:  اسٽيٽ ايجنٽ سميت 3 ڄڻا قتل،ان ڏس ۾ ڊفينس فيز ٽو ۾ موٽرسائيڪل  سوار ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪري 55 ورهين جي جاويد پٽ عبدالرشيد آرائين کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب ملتان واسي مقتول پراپرٽي جو ڪم ڪندو هو، هٿياربند سندس پيڇو ڪندا آيا، انهن کي هيلمٽ پڻ پاتل هئا، هٿياربندن مقتول کان پئسن سميت ڪا به شيءَ ڦر نه ڪئي. پوليس موجب جاويد کي مٿي ۾ 5 گوليون هنيون ويون، واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو. ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ٻين رخن کان به جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن سرجاڻي ٽائون جي مولا عبدالڪريمي بخش ڳوٺ ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 50 ورهين جي ضياءَ پٽ عنايت الله کي قتل ڪري ڇڏيو.  پوليس موجب جوابدار ارشد ۽ ابراهيم خانداني تڪرار تان فائرنگ ڪري ضياءَ کي قتل ڪيو، ٻئي طرف برگيڊ ٿاڻي جي حد ۾ لائينز ايريا جي گھر مان 60 ورهين جي عبدالرحمان جو ڳلو ڪپيل لاش مليو.