ڪراچي ۾ شهرين سان گڏ پوليس اهلڪار به محفوظ نه رهيا، ڦر واردات جا فٽيجز وائرل

0
218

ڪراچيءَ جي پي آءِ بي ڪالونيءَ مان پوليس انسپيڪٽر کان ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، ٽائيم نيوز واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري ورتا آهن

پوليس انسپيڪٽر طارق عبدالرحيم سپر مارڪيٽ ٿاڻي ۾ مقرر آهي

ڦر جو واقعو گذريل ڏينهن ڪراچيءَ جي عبدالغفار جنرل اسٽور چونا ڊپو  پي آءِ بي ڪالونيءَ ۾ پيش آيو

فوٽيجز ۾ موٽر  سائيڪل سوار ٻن جوابدارن کي ڏسي سگھجي ٿو

فٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته موٽر سائيڪل سوار جوابدار هيٺ لهي ٿو ۽ هٿيارجي زور تي پوليس عملدار کان موبائل ۽ قيمتي سامان گهري ٿو

فٽيجز موجب پوليس انسپيڪٽر جي مزاحمت تي جوابدار فرار ٿي وڃن ٿا، پوليس انسپيڪٽر گھٽين ۾  پوليس گشت جي اضافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

هي به پڙهندا

گمس اسپتال جي ڊاڪٽر جو پٽ ڊرامائي انداز ۾ گم

ڪوٽڙي: نشي آور سوپاريون هٿ اچڻ تي ايس ايڇ او ٿاڻو بولا خان گرفتار