شهدادڪوٽ ( رپورٽر  ) شهدادڪوٽ جي غريب آباد محلي جي رهواسي خالد خاصخيلي ڪراچي جي علائقي عظيم  ڳوٺ ۾پنهنجي زال شهزادي جي مٿي جا وار ڪوڙي تذليل ڪري لوهي سيخ هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، ڀائر عورت کي ڪراچي مان بيهوشي واري حالت ۾ شهدادڪوٽ کڻائي آيا. تسليم خاصخيلي صحافين کي ٻڌايو آهي ته بابا نشو ڪندو آهي، جنهن منهنجي امڙ کي اسان جي اکين اڳيان لوهي سيخ هڻي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪئنچي سان منهنجي امڙ جا  وار ڪٽي ڇڏيا آهن. جنهن سبب امڙ بيهوشي واري حالت ۾ پيل  آهي.ان موقعي تي متاثر عورت جي ڀائرن ذوالفقار ۽ ٻين احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته ڀيڻ مٿان وحشياڻو تشدد ۽ تذليل ڪندڙ جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.