ڪراچي ۾ روڊ حادثا، هڪ ڄڻو فوت، 4 ماڻهو زخمي

0
179
مورو ويجھو روڊ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪورنگي جي ويٽا چورنگي وٽ بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ريسڪيو ذريعن موجب زخمين ۾ 2 عورتون ۽ 2 ٻار شامل، هوڏانهن گلشن حديد ويجهو ڪراچي ٺٽو روڊ تي تيز رفتار ٽرالر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ 24 ورهن جو موٽر سائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ ن ٿي سگهي آهي.