ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام، 4 جوابدار گرفتار، بارودي مواد هٿ، سي ٽي ڊي انٽيليجنس ونگ ۽ حساس اداري  مواڇ ڳوٺ وٽ حب رور روڊ تي ڪارروائي ڪئي. انچارج سي ٽي ڊي موجب ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم براس جا 4 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، گرفتار دهشتگردن ۾ امير علي شاهه، محمد اقبال، نصرﷲ ۽ محمد شامل آهن، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. انچارج سي ٽي ڊي موجب جوابدار براس جي دهشتگردن کي بارودي مواد پهچائڻ لاءِ بلوچستان مان مواڇ ڳوٺ پهتا هئا، بارودي مواد ڪراچي ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ استعمال ٿيڻو هو، جوابدار هڪ عرصي کان دهشتگردن کي بارودي مواد پهچائڻ جو ڪم ڪري رهيا هئا، اڳ ۾ به بارودي مواد پهچائي چڪا آهن، بارود مواد پرڏيهه مان اسمگل ڪري آندو وڃي ٿو، سندن وٽان هٿ ڪيل بارودي مواد ۾ بارودي مواد ڪمرشل (ايڪسپلوزو)، سيفٽي ٽائيم فيوز، نان اليڪٽرڪ ڊينٽويٽر، 7  اسٽڪس، 18 ننڍيون اسٽڪس شامل آهن