ڪراچي ۾ اي وي سي سي پوليس جي ڪارروائي، مغوي بازياب، اغوا ڪار گرفتار

0
133
ڪراچي ۾ اي وي سي سي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اي وي سي سي پوليس جي سي پي ايل سي جي مدد سان ڪارروائي ڪندي شاهه لطيف جي علائقي النور اسٽيٽ ايجنسي تان 17 نومبر تي اغوا ڪيل عبيد ملڪ کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

اي وي سي سي پوليس موجب ڪارروائي دوران اغوا ڪار صابر خٽڪ، پير محمد سرڪي، جنيد جانوري ۽ صدام حسين کي گرفتار ڪيو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران جوابدارن جا ميان بخش کوسو، جان محمد سومرو ۽ غني سومرو فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جوابدارن مغوي جي وارثن کان 2 ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو هو