.ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته عوام اسان کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏنو آهي، جيڪڏهن فارم 45 منظور ڪيا وڃن ته سموري ملڪ ۾ اصل فاتح اسان ئي آهيون. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان سميت ڪراچي ۾ صوبائي توڙي قومي سيٽن تي حصو وٺندڙ ۽ فارم 45 مطابق اليڪشن کٽندڙ اميدوارن سان گڏ  پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪراچي جي ووٽرن اسان کي چونڊيو آهي،  اسان جا فارم 45 انهي جو ناقابل ترديد ثبوت آهن،  آر اوز غيرقانوني طريقي سان نتيجا تبديل ڪيا. هن چيو ته اسان ملڪ ۾ 183 سيٽون کٽيون آهن،  ڪراچي مان 20   ۽ حيدرآباد جون 2 سيٽون کٽيل آهن . اهڙي طرح اسان سنڌ اسيمبلي جون 38 سيٽون کٽيون آهن ،جن جا فارم 45 موجود آهن، اسان عدالتن ۾ ويل آهيون ۽ ڦريل مينڊيٽ واپس وٺنداسين.