ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت نوڪري ڏيارڻ جو ڏٽو ڏئي گهريلو ملازمه کي لڄالٽ  جو نشانو بڻائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيس جي جاچ آفيسر کي 10 جنوري تي شوڪاز نوٽيس جو جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه ٻڌڻي دوران فريادي جي وڪيل نظام چنا عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جي جاچ آفيسر شاهدن جا بيان قلمبند ناهن ڪيا، جنهن سبب ڪيس ڪمزور ٿي رهيو آهي، هڪ جوابدار قمر الدين ضمانت  ڪرائي آهي. ان موقعي تي متاثر عورت عدالت کي ٻڌايو ته آئون ڊفينس جي بنگلي ۾ ملازمت ڪندي هيس، جيڪا ختم ٿي وئي هئي، 2 ڊسمبر 2021ع تي ڀرپاسي جي بنگلي جي ڊرائيور قمر الدين ملازمت ڏيارڻ  جو آسرو ڏئي مونکي  ۽  پنهنجي دوست وسيم کي گاڏي ۾ ويهاريو،  ٻنهي جوابدارن مونکي هڪ بنگلي ۾ وٺي وڃي  زيادتي جو نشانو بڻايو. ٻئي ڏينهن تي جوابدارن مون کي سي ويو تي اڇلائي فرار ٿي ويا.