ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گاڏي پارڪ ڪرڻ تان جھيڙو، ٿڦڙ لڳڻ تي عورت فوت، عرفات ٽائون ۾ گهر اهران گاڏي بيهارڻ تان جهيڙو ٿيو. پوليس موجب فرحان نالي شهري گاڏي بيهاري ته گهر جي مالڪياڻي بانو زال اسماعيل اعتراض ڪيو، فرحان پنهنجن ساٿين شاهزيب، شهزور ۽ ٻين چئن ڄڻن سان گڏجي گهر تي چڙهائي ڪئي، انهن عورت کي ڌڪا ڏنا ۽ ٿڦڙ هنئي. مبينا تشدد ۾ بانو زال اسماعيل بيهوش ٿي وئي کيس اسپتال پهچايو ويو، جتي هن دم ڏنو. پوليس موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي