ڪراچي: ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي 3 ڏينهن اڳ پرڻيل نوجوان ۽ ريتي بجري جو واپاري به قتل ، هڪ عورت  زخمي، ان ڏس ۾ فيروزآباد ٿاڻي جي حد ۾ ڪشمير ڪالوني ۾ هٿياربندن رڪشا ۾ سوار عورت کان ڦرلٽ ڪئي، پنهنجي گھر آڏو ويٺل 28 ورهين جي شاهه رخ ڦورن سان مهاڏو اٽڪايو، ڦورن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جي 3 ڏينهن اڳ شادي ٿي هئي، سندس گھر ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو. ٻئي طرف سچل ٿاڻي جي حد ۾ بسم الله سينٽر ڀرسان هٿياربندن شهرين کان ڦرلٽ ڪئي، جوابدار ڦرلٽ ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته شهرين سندن پيڇو ڪيو، جنهن تان جوابدارن شهرين مٿان فائرنگ ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ريتي ۽ بجري جو واپاري عبدالقدير مارجي ويو. پوليس موجب شهري هٿياربندن جو پيڇو ڪري رهيا هئا ته گوڙ ٻڌي عبدالقدير به روڊ تي آيو، هٿياربندن عبدالقدير کي ايندو ڏسي گولي هڻي ڇڏي. پوليس موجب ڊيوٽي تي بيٺل اهلڪار به هٿياربندن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار سليم الله زخمي ٿيو، جنهن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڪورنگي  سيڪٽر ايف ۾ شميم مسجد وٽ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي 20 ورهين جي سميرا ڌيءَ ايوب کي زخمي ڪري ڇڏيو. جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي