ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ ڪيبن تان ڦرلٽ وارو معاملو، آئي جي سنڌ، ڊي ايس پي اي وي سي سي ظفر جاويد کي معطل ڪري ڇڏيو، واقعي جي جاچ لاءِ ڊي آئي جي سي آئي اي مقدس حيدر کي انڪوائري افيسر مقرر ڪيو ويو. جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. نوٽيفيڪشن موجب انڪوائري افيسر 15 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪندو. واضح رهي ته ڊي ايس پي جي پٽ فهد جاويد ساٿين سان گڏجي پوليس موبائيل ۾ سوار ٿي ڪيبن تان ڦرلٽ ڪئي هئي، ڦرلٽ جا سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون آيا هئا، پوليس موبائيل ڊي ايس پي جي استعمال هيٺ هئي ٻئي طرف جوابدارن کي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جاڃ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڊي ايس پي جو پٽ پيءُ جي پوليس موبائل کڻي ڦر لٽ ڪري رهيو هو، ڪيس ۾ هڪ جوابدار اڃا تائين روپوش آهي ان کي به گرفتار ڪرڻو آهي، جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته جوابدارن کان ڪيس بابت وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي انڪوائري لاءِ جسماني رمانڊ تي ڏنو وڃي. عدالت ڊي ايس پي ظفر ۽ سندس پٽ شيخ محمد فهد کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي گلشن اقبال پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو