ڪراچي: چوڪيدار جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي

0
393

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سھراب ڳوٺ ڀرسان ايوب ڳوٺ ۾ ڪڪڙين جي دڪان تان ڦرلٽ دوران چوڪيدار جي فائرنگ ھڪ جوابدار مارجي ويو، سندس ساٿي زخمي ٿي پيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته  4 ھٿياربند مرغي جي دڪان تان 45 ھزار ڦر ڪيا، ان دوران سجاد مرغي شاپ جي ڀر ۾ واقع گودام جي گارڊ ڪمريش خان جوابدارن تي فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ جوابدار امام الدين ولد ولي محمد مارجي ويو ۽ جاويد بليدي زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابدارن جا 2 ساٿي فرار ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته  زخمي جوابدار کي گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، مارجي ويل جوابدار جو لاش به عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو،جوابدارن جي قبضي مان پستول ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل امام الدين ولد ولي محمد نيا پل لڳ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جو رھواسي ھو،: جوابدار ڪراچي جي منگھوپير واري علائقي ۾ رھندو ھو.