ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾  پي ءَ مٿان  3 ڌيئرن سان زيادتي جو الزام، ان ڏس ۾ گلشن اقبال جي هزاره ڳوٺ جي رهواسڻ ڪنيز فاطمه گلستان جوهر ٿاڻي تي پنهنجي مڙس شاهنواز خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڄاڻايو آهي ته منهنجون 3 ڌيئرون آهن، آئون ۽ ڌيئرون  گهرن ۾ ڪم ڪنديون آهيون، منهنجي هڪ ڌي پيٽ ۾ سور جي شڪايت ڪئي، ڊاڪٽر تپاسڻ تي  کيس ڳورهاري ڄاڻايو، فريادڻ ڄاڻايو ته  پڇا ڪرڻ تي ڌيءَ ٻڌايو ته بابا ڪافي عرصي کان زيادتي ڪندو رهيو آهي. فريادڻ موجب منهنجن ٻين ڌيئرن به زيادتي جو ٻڌايو