نيوسعيدآباد (ن پ ا) ڪراچي ۾ مبينا طور پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٽن نوجوانن مان نيوسعيدآباد جي ڳوٺ  ابراهيم ڪاڪا جي رهواسي 22 سالا نويد ڪاڪا  جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ مختلف سياسي سماجي ڌرين طرفان احتجاج ڪيو ويو. ڳوٺ ابراهيم ڪاڪا کان نيوسعيدآباد بينظير ڀٽو چوڪ تائين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنھل ساريو سارنگ ڪاڪا۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته مقتول ڪراچي ۾ ڪيبل جو ڪم ڪري گهر ۾  پاڻ سميت 4 معصوم ڀائرن،2ڀيڻن ۽ ماءُ جو اڪيلو سهارو بڻيل هو،سندس والد اي ايس آئي الهيار عرف يارمحمد ڪاڪا  ڪراچي ۾ نقيب الله محسود جي ڪيس ۾ بيگناه  گذريل 4 سالن کان جيل ڪاٽي رهيو آهي جنهن کي 4 سال گذري وڃڻ بعد به اڃا تائين ڪورٽ انصاف ناهي ڪري سگهي.ھنن وڌيڪ چيو ت  جيڪڏهن نويد ڪاڪا ڏوهاري هو ته ان کي گرفتار ڇو نه ڪيو ويو يا سندس مٿان ڪو ڪيس ڇو نه داخل ڪيو ويو، جيڪڏهن پوليس مقابلو ٿيو ته ان ۾ پوليس کي ڇو نه نقصان پهتو جڏهن ته نويد جي جسم تي  تشدد جا واضع نشان پڻ آهن جيڪي گولين سان گڏ ڊرل مشين جا پڻ آھن، ھنن چيو ت اسان عدالت م به پٽيشن داخل ڪري رھيا آھيون،ھنن سياسي سماجي مذھبي وڪيلن۽ صحافي ڌرين کي اپيل ڪئي ت کين انصاف لاءِ اعلا ايوانن تائين آواز پهچائڻ ۾ سندن مدد ڪئي وڃي.