ڪراچي پوليس جي 4 ٽارگيٽ ڪلرز گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

0
222
سنڌ پوليس جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون
سنڌ پوليس جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي پوليس ميوه شاهه قبرستان مان گينگ وار جي 4 ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 4 عدد هينڊ گرنيڊ، 3 آٽو ميٽڪ ڪلاشنڪوف ۽ هڪ نائن ايم ايم پستول۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جاچ دوران قتل، ڀتا خوري، ڌاڙن ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن جو انڪشاف ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ اليان بلوچ گذريل مهيني الطاف عرف ڀائي نالي شخص کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، الطاف عرف انو ڀائي جي قتل ۾ استعمال ڪيل هٿيار به هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي.