ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ ناليواري واپاري مصطفيٰ ميمڻ جي 2 پيٽرول پمپن ۽ هوٽل تي هٿياربندن جي ڪاهه، عملي کي مارڪٽ، پمپن ۽ هوٽل تي قبضو ڪري ويهي رهيا، متاثر ڌر طرفان ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، پوليس جي هوائي فائرنگ، ڌرڻي باوجود پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان لاچار، ان ڏس ۾ سچل ٿاڻي جي حد ۾ سپرهاءِ وي تي 30 کان 35 هٿياربندن مصطفيٰ ميمڻ جي 2 پيٽرول پمپن ۽ دعا هوٽل تي ڪاهه ڪئي، هٿياربند هوٽل ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ عملي تي تشدد ڪرڻ بعد پمپن ۽ هوٽل تي قبضو ڪري ويهي رهيا. ٻئي طرف هوٽل ۽ پيٽرول پمپن جي عملي سبزي منڊي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي. ٻئي طرف پوليس موجب پارٽنرشپ ( ڀائيواري) جو معاملو لڳي ٿو، جاچ ڪريون پيا، هوڏانهن دعا هوٽل جي مالڪ ياسر خان چيو ته اسان 10 سالن کان مسواڙ تي هوٽل هلايون پيا، جيڪڏهن هٿياربندن جو زمين جي مالڪ سان تڪرار هو ته اسان کي نوٽيس ڏنو وڃي ها، اسان هوٽل خالي ڪري وڃون ها، هٿياربندن هوٽل عملي کي يرغمال بڻائي 40 لک ڦر ڪيا، واقعي جي ايف آءِ آر ڪاٽي وڃي، اهو ڪٿان جو قانون آهي جو ڪير اچي قبضو ڪري؟ هوٽل مينيجر موجب هٿياربندن 2 پيٽرول پمپن ۽ هوٽل تي قبضو ڪري رقم ڦر ڪئي آهي، اسان 15مددگار تي ڪال ڪئي پر اها ڪال رجسٽرڊ ئي نه ٿي. پوليس ڌر بڻيل آهي. ٻئي طرف پيٽرول پمپن ۽ هوٽل جي مالڪ مصطفيٰ ميمڻ “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته هٿياربندن پويان طاقتور شخصيت آهي، انهي ڪري پوليس مدد نٿي ڪري، اڃا تائين واقعي جي ايف آءِ آر به داخل نه ٿي آهي، صوبائي وزيرن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو پر اهي به رابطي ۾ نٿا اچن، رينجرز وارا چون ٿا ته اهو ذاتي تڪرار آهي، اوهان پوليس سان رابطو ڪريو. هن چيو ته 30 کان 35 هٿياربند 12 ڪلاڪن کان اسان جي ملڪيت تي قابض آهن. هن چيو ته پيٽرول پمپ ۽ هوٽل 42 سالن کان منهنجي ذاتي ملڪيت آهن، منهنجو ڪير به ڀائيوار ناهي، منهنجي ذاتي ملڪيت تي قبضو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪير فرياد ئي نٿو وٺي؟ اسان ڪوشش ڪريون ٿا ته راڄوڻي ذريعي مسئلو حل ڪرايون.