اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ مالي سال 22-2021ع ٽماهي جي ايڊجسٽمينٽ جي منظوري ڏيندي في يونٽ بجلي جي قيمتن ۾ 12  رپيا 68 پيسا اضافو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيپرا ترجمان ٻڌايو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ پاران چوٿين ٽماهي لاءِ في  يونٽ تي 14 رپيا 53 پيسا اضافو ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، نيپرا ترجمان چيو آهي ته طريقيڪار مطابق حڪومت پوري ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن جو ٽيرف هڪ جهڙو برقرار رکندي آهي، ٽيرف ۾ ايندڙ فرق  کي سبسڊي  ڏئي ختم ڪيو ويندو آهي، نيپرا پنهنجو فيصلو بجلي وزارت کي اماڻي ڇڏيو آهي، قيمتن ۾ واڌ بابت حتمي فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي.