ڪراچي: ناردرن باءِ پاس تي زمين ڏيندڙ شهرين کي معاوضو نه ڏيڻ تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين کي نوٽيسز جاري

0
135

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ناردرن باءِ پاس تي زمين ڏيندڙ شهرين کي معاوضو نه ڏيڻ تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين کي نوٽيسز جاري، سنڌ هاءِ ڪورٽ اين ايڇ اي جي چيئرمين کان معاوضو ادا نه ڪرڻ تي وضاحت طلب ڪري ورتي، عدالت اپريل ۾ متاثرن کي 8 ڪروڙ 70 لک رُپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪم باوجود زمين ڏيندڙ شهرين کي معاوضا نه مليا.