ڪراچي: نئين سال جي خوشي ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ عورتن سميت 32 ڄڻا زخمي

0
92
ڪراچي: نئين سال جي خوشي ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ عورتن سميت 32 ڄڻا زخمي
ڪراچي: نئين سال جي خوشي ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ عورتن سميت 32 ڄڻا زخمي

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ سال 2024 جي آتشبازي، نئين اميدن ۽ خوشحالي جي دعائن سان آجيان، ڪراچي کان اسلام آباد ۽ پشاور کان ڪوئٽا تائين نئين سال جو جشن، شهرين پاران تقريبون ڪوٺائي  نئين سال جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي

 پابنديءَ باوجود ڪراچي ۾ نئين سال جي آمد تي هوائي فائرنگ دوران عورتن ۽ ٻارڙن سميت 32 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس ڪارروايون ڪري 65 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

 زخمين کي سول اسپتال، جناح ۽ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ به نئين سال جي آجيان جي موقعي تي هوائي فائرنگ جا واقعا، هڪ نينگري سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو

لطيف آباد يونٽ نمبر 8 جي خواجا غريب نواز ڪالوني ۾ گولي لڳڻ سبب 24 سالن جو مطيب زخمي ٿي پيو، لطيف آباد يونٽ نمبر 4 ۾ 15 سالن جي نينگري عليشا زخمي ٿي پئي

 لاڙڪاڻي ۾ پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ آمنه جمالي پاران به نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ ڪرڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي