ڪراچي: مھراڻ ٽائون فيڪٽري باھ واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي:سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

0
173
ڪراچي ۾  فيڪٽري کي

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري کي خوفناڪ باهه لڳڻ واري واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل نديم احمد شيخ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ملي ڀڳت سان رهائشي پلاٽس تي فيڪٽريز ٺاهيون ويون آهن، قانون تي عمل نه ٿيڻ سبب غريب پورهيتن کان حياتيون کسجي ويون، درخواست ۾ سنڌ سرڪار، چيف سيڪريٽري، ايس بي سي اي ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو،  فيڪٽري کي باهه لڳڻ واري جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي حقيقتون سامهون آڻڻ جي استدعا  ڪئي وئي آھي.