ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ منشِيات جي 363 اڏن جي سرپرستي ڪندڙ 20 ايس ايچ اوز سميت ٻيا اهلڪار ڊيوٽين تي موجود، الزامن هيٺ آ فيسر هڪ ٿاڻي تان هٽجڻ  بعد وري ٻين ٿاڻن تي لڳي وڃن ٿا، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب اسپيشل برانچ منشيات جي اڏن ۽ انهن اڏن جي سرپرستي ڪندڙ ايس ايچ اوز ۽ ٻين اهلڪارن بابت رپورٽ تيار ڪري آءِ  جي سنڌ کي اماڻي وئي آهي، انهي رپورٽ ۾ سڌي ريت منشيات جا سرپرست ڄاڻايل 20 کان وڌيڪ ايس ايچ اوز اڃا تائين ڊيوٽين تي موجود آهن، انهن ايس ايچ اوز خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ايس ايچ او آفتاب عباسي کي  عادي ڪرپٽ قرار ڏنو ويو، ايس ايچ او نواز بروهي، ايس ايچ او رائو ناظم، سب انسپيڪٽر سليم صديقي، سب انسپيڪٽر اڪرم، ايس ايڇ او رفيق، ايس ايچ او روشن، ايس ايچ ثناءَ الله، ايس ايچ او نعيم، ايس ايچ او ڪامران حيدر، ايس ايچ او اعجاز پٺاڻ اڃا تائين ڊيوٽين تي موجود آهن، ايس ايچ او محمود آباد کي وري مختلف سياستدانن جي حمايت حاصل آهي. پوليس رپورٽ تيار ٿيڻ وقت جمشيد ڪوارٽر، سهراب ڳوٺ، سولجر بازار، نيوٽائون ۽ گلشن اقبال ٿاڻن تي مقرر ايس ايچ اوز مان ڪافي  آفيسر هٽجڻ بعد ٻين ٿاڻن توڙي اسائنمينٽن تي مقرر ٿيندا رهيا آهن، 80 کان وڌيڪ اهلڪارن، اي ايس آئيز ۽ سب انسپيڪٽرن مان به اڪثر ڊيوٽين تي موجود آهن. منشيات جو وڏو اسڪينڊل منظرعام تي اچڻ باوجود ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب منهاس ۽ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ذميوار قرار ڏنل آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي رپورٽ ۾ ڪانسٽيبل کان وٺي ايس ايچ اوز تائين 100 کان وڌيڪ ملازمن تي منشيات جي سرپرستي ڪرڻ، اڏن تان سڌي ريت ۽ بيٽرن ذريعي ڀتو وصول ڪرڻ جا الزام هنيا ويا پر  پوليس ڊپارٽمينٽ خاموشي اختيار ڪندي ڪا ڪارروائي نه ڪئي