ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيس کولڻ تان جهيڙي دوران زخمي ٿيل 5 ڄڻن مان هڪ شخص دم ڏئي ڇڏيو، مقتول جو لاش رکي ڌرڻو:  ان ڏس ۾13 آڪٽوبر تي سهراب ڳوٺ جي علائقي جوڻيجو ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيس کولڻ تان ٿيل جهيڙي ۾  5 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جن مان هڪ زخمي  عنايت الله عرف طور خان ولد رضا خان رات دير سان خانگي اسپتال ۾ دم ڏنو  پوليس قانوني ڪارروائي ڪرڻ بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، مارجي ويل عنايت الله کي کاٻي اک ۾ گولي لڳي، جيڪا موتمار ثابت ٿي، مقتول جي وارثن  ۽ علائقي واسين سهراب ڳوٺ ۾ لاش رکي احتجاج ڪيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مقتول جي ڀاءُ احمد خان ٻڌايو ته قتل ڪيس ۾ اقبال مسعود، نور مسعود، خليل، جان محمد ۽ نور محمد کي نامزد ڪيو ويو آهي، پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ڪامياب ڳالهين کانپوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو.