ھالاڻي (ن پ ا) ڪراچي مال پڙي ۾ واپاري ڍور کپائي واپس اچي رھيا ھئا ته محرابپور -ھالاڻي لنڪ روڊ تي پير قائم علي شاهه وٽ ٽن  موٽر سائيڪلن تي سوار 8 ھٿياربندن مزدا کي روڪي واپارين کان ھڪ ڪروڙ رپيا ڦر ڪري ويا، متاثر واپاري اعظم خاصخيلي، ڪاظم خاصخيلي، غلام حس آرائين، عبدالرزاق خاصخيلي ۽ ٻين ھالاڻي ٿاڻي اڳيان نيشنل ھاءِ وي بند ڪري ڇڏيو، واپارين چيو ته 4ڪلاڪن گذرڻ باوجود پوليس نه پھتي، فائرنگ ٿي رھي هئي پر پوليس نه آئي، ٿاڻي تي وياسين ته ڪو به پوليس عملدار موجود نه هو، هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي نوشھرو فيروز کي اپيل ڪئي ته ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.