ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان منشيات جو بين الاقوامي ڊيلر گرفتار، ايس ايس پي اولهه ڊاڪٽر فرخ رضا موجب جوابدار شعيب ولد عبدالغني ساڍا 5 ٽن منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ گهربل هو، سندس قبضي مان 10 ڪلو  750 گرام چرس ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي، جوابدار آرڊر تي منشيات ٻاهرين ملڪن ڏانهن  سپلاءِ ڪندو هو