ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ عورت پنهنجي ڌيءَ کي ڇت تان اڇلاڻ بعد پاڻ به ٽپو ڏئي آپگھات ڪري ڇڏيو. منگھو پير واري علائقي صائمه ولاز ۾ 30 روهين جي مديحه پنهنجي ٽن ورهين جي ڌيءَ کي عمارت تان هيٺ اڇلائي بعد ۾ پاڻ به ٽپو ڏئي آپگھات ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي سهائي عزيز ٽالپر موجب ماءَ ۽ ڌيءَ ٿڏي تي دم ڏنو ، هوڏانهن فوتي مديحه جي والد ٻڌايو ته مديحه ۽ سندس مڙس ۾ تڪرار هلندڙ هو، ايس ايس پي موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي.