ڪراچي: سينيئر وڪيل کي ڪتن ڏاڙهي وڌو، 2 ڄڻا گرفتار

0
333

ڪراچي: ڊفينس ۾ سينيئر وڪيل مرزا اختر علي کي ڪتن ڏاڙهي وڌو، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. پوليس ڪتي جي مالڪ سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته صبح جو واڪ ڪرڻ وقت ٻن ڪتن سينئر وڪيل تي حملو ڪيو، ڪتا سينئر وڪيل کي روڊ تي ڪافي منٽن تائين ڀنڀوڙيندا رهيا، ڪتن کي سنڀاليندڙ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو، ڪجهه منٽن کانپوءَ مالڪ پهچي سينيئر وڪيل کي ڇڏائي ڪتا کڻي ويا. ڪتي مالڪن سينيئر وڪيل کي اسپتال به نه پهچايو. واقعو 16 جون تي پيش آيو، ڪيس داخل ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.