ڪراچي سنڌ جو تاج آهي، ڪنهن کي نه ڏينداسين: صدر الدين شاهه

0
206
ڪراچي سنڌ جو تاج آهي، ڪنهن کي نه ڏينداسين: صدر الدين شاهه
ڪراچي سنڌ جو تاج آهي، ڪنهن کي نه ڏينداسين: صدر الدين شاهه

ڪراچي: جي ڊي اي اڳواڻ پير صدرالدين شاھ راشدي چيو آهي ته سنڌ کي ورهائڻ جا خواب ڏسندڙ احمقن جي دنيا ۾ رهن ٿا، سنڌ کي زبان جي بنياد تي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ نفرت پکيڙي رهيا آهن، ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏيندڙن پاڙيسري ملڪ ۾ پاڻ کي مهاجر ناهي سڏايو، ڪراچي ۾ ترسيل مهاجر به اسان ۾ ضم ٿي ويا هئا پر ڪجهه گندن ماڻهن وچ ۾ پئي معاملا خراب ڪيا

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صدر الدين شاهه چيو ته ڪراچي سنڌ جو تاج آهي، جيڪو ڪنهن کي به ڏئي نٿا سگهون، اسان سنڌ جي هڪ انچ زمين تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين، صوبو پري جي ڳالهه آهي

هن چيو ته اسان سڀني کي چئون ٿا ته سنڌ ۾ ضم ٿيو، زبان کي جواز بڻائي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندئو ته پوءِ رتو ڇاڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن نه هوندو، ان ڪري گذارش ٿا ڪريون ته اهڙي سوچ ئي ختم ڪيو، جنهن سان نقصان ٿئي

صدرالدين شاھ چيو ته ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن کي ڪنهن به تسليم ناهي ڪيو، جڏهن ته هاڻ جدوجھد تلوارن ۽ بندوقن سان نه ٿيندي،  15 مئي کان  جون جولاءِ تائين ھر ضلعي ۾ گڏجاڻي ٿيندي، جي ڊي اي کي فعال ڪري رهيا آهيون، سنڌين سان وڌيڪ ظلم برداشت نه ڪيا ويندا

هن کي به پڙهندا

جماعت اسلامي لسانيت جي سياست نه ڪري: زين شاهه