ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن ايسٽ زون جي ٽيم سب رجسٽرار آفيس جمشيد 2 تي ڇاپو هڻي ريڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته غيرقانوني تعمير ٿيندڙ عمارتن جون رجسٽريون ڪرڻ ۽ رشوت وٺڻ جي عوامي شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي، لاڳاپيل رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ بعد سب رجسٽرار ولي محمد شيخ ۽ پيشگار منور ڌاريجو خلاف وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.