ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل حددخلين جي آڙ ۾ ليز ٿيل گهر ڊاهڻ خلاف درخواست تي ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي سميت ٻين ڌرين کي درخواستگذار جو گهر نه ڊاهڻ جو حڪم ڏيندي 4 مئي تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن گهر ليز ٿيل آهي ته پوءِ ان کي ڇو پيو ڊاٺو وڃي؟