ڪراچي جي ماڊل ڪالوني ۾ غيرقانوني اڏاوتون ٺاهڻ جو انڪشاف، جاچ شروع

0
141

ڪراچي: سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ماڊل ڪالوني ۾ غيرقانوني اڏاوتون ٺاھڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ايس بي سي اي جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان بنا منظوري جي گرائونڊ پلس فور عمارتون اڏجڻ لڳيون

اينٽي ڪرپشن اختيارين ماڊل ڪالوني ۾ غير قانوني اڏاوتن جي اجازت ڏيندڙ آفيسرن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي

ايس بي سي اي جي سينيئر بلڊنگ انسپيڪٽر تنوير احمد، سينيئر بلڊنگ انسپيڪٽر خرم رضوان، عمران ۽ ٻين خلاف جاچ شروع ٿي وئي آهي

اينٽي ڪرپشن اختيارين خط لکي ڄاڻايل آفيسرن کي 13 نومبر تي پيش ٿيڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آهي

اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪاشف سومرو ۽ ٻيا 13نومبر تي ھيڊ ڪوارٽر پھچي انڪوائري ۾ سهڪار ڪن

اينٽي ڪرپشن اختيارين هدايت ڪئي آهي ته آفيسر لاڳاپيل سمورو رڪارڊ ساڻ کڻي اچن، وڏيون عمارتون غيرقانوني آهن