ڪراچي جي شهرين لاءِ  اڄ کان گرين لائين بس سروس شروع

0
275
ڪراچي جي شهرين لاءِ اڄ کان گرين لائين بس سروس شروع
ڪراچي جي شهرين لاءِ اڄ کان گرين لائين بس سروس شروع

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي شهر ۾ اڄ کان گرين لائين بس سروس شروع ڪئي وئي آهي، پهرين مرحلي ۾ بس سروس صبح 8 وڳي کان منجهند 12 وڳي تائين هلندي، جڏهن ته 10 جنوري کان بسن جي تعداد سميت وقت به ڌايو ويندو

وزيراعظم عمران خان 10 ڊسمبر تي گرين لائين بس سروس منصوبي جو آزمائشي افتتاح ڪيو هو

ڪيتريون اسٽيشنز هونديون؟

گرين لائين بس سروس جي شروعات ۾ 22 مان 11 اسٽيشنون فعال آهن جڏهن ته 10 جنوري تائين ان سروس ۾ شامل 80 بسن مان 25 بسون صبح 8 وڳي کان منجهند 12 وڳي تائين هلايون وينديون

ايس آءِ ڊي سي ايل اختيارين موجب 10 جنوري کانپوءِ بسن، اسٽيشنن ۽ وقت ۾ اضافو ڪيو ويندو،

گرين لائن بس سروس سرجاني عبدالله چوڪ اسٽيشن کان نمائش چورنگي اسٽيشن تائين هلائي ويندي، هي جديد بسون هر 5 منٽن بعد اسٽيشن تي پهچنديون جڏهن ته اڳتي هلي بسن جي اچڻ سان هي وقفو وڌيڪ گهٽجي ويندو

ٽڪيٽ ڪيتري هوندي؟

گرين بس جي ٽڪيٽ 55 رپيا آهي، روزاني جي بنياد تي سفر ڪرڻ واران هن حوالي سان ڪارڊ به ٺهرائي سگهن ٿا،

گرين لائين بس ۾ هڪ وقت ۾ 150 کان وڌيڪ مسافر سفر ڪري سگهندا، جڏهن ته معذورن لاءِ به سيٽون مخصوص ڪيون ويون آهن

بس سروس کي سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي مانيٽر ڪيو ويندو ۽ جنهن اسٽيشن تي بس بيهندي ان جو نالو بس جي اندر اسڪرين تي ظاهر ٿيندو

ڪراچي لاءِ پهرين ماس ٽرانزٽ منصوبي جو بنياد فيبروري 2016ع ۾ رکيو ويو هو، جيڪو ڊگهو انتظار هاڻي ختم ٿي ويو آهي