ڪراچي جي سمنڊ ڪناري تي ڦاٿل جهاز کي ڪڍڻ لاءِ آيل ٽگز به خراب ٿي ويو

0
401
ڪراچي جي سمنڊ ڪناري تي ڦاٿل جهاز
ڪراچي جي سمنڊ ڪناري تي ڦاٿل جهاز کي ڪڍڻ لاءِ آيل ٽگز به خراب ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سمنڊ ڪناري 10 ڏينهن کان ڦاٿل بحري جهاز مان ڪالهه 95 ٽن تيل ڪڍيو ويو، جهاز کي ڪڍڻ لاءِ آيل ٽگز خراب، 15 ڏينهن کانپوءِ جهاز کي ڪڍڻ لاءِ ٽي ٽگز گهرايا ويا، ڪراچي جي سمنڊ ڪناري تي گذريل 10 کان ڦاٿل بحري جهاز هينگ ٽيگ مان ڪالهه 95 ٽن تيل ڪڍيو ويو، تيل ڪڍڻ لاءِ آپريشن دوران فائر ٽينڊرز ۽ ايمبولينس کي به موجود رکيو ويو، جڏهن ته رضاڪار به الرٽ رهيا، ان حوالي سان وزيراعظم جي بحري معاملن بابت خاص معاون محمود مولوي ٻڌايو ته جهاز مان تيل ڪڍيو ويو آهي ۽ هاڻي جهاز کي گهٽ پاڻي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جنهن جي لاءِ جهاز جي مالڪ پنهنجو ماڻهو به هتي اماڻيو آهي، جيڪو اسان سان رابطي ۾ آهي، هن چيو ته جهاز کي ڪڍڻ لاءِ اڳ ۾ آيل هڪ ٽگز خراب ٿي ويو، جيڪو ڪراچي پورٽ تي مرمت لاءِ موجود آهي، جهاز کي ڪڍڻ لاءِ وڌيڪ ٽي ٽگز گهرايا آهن، جيڪي ڪجهه ڏينهن بعد اچي ويندا، جهاز کي ڪڍڻ جو ڪم 15 ڏينهن بعد شروع ٿيندو، جيڪو هڪ هفتي تائين هلي سگهي ٿو، انهي دوران ڪو نقصان ٿيو ته ان جو ذميوار جهاز جو مالڪ هوندو.