ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي تاريخي عمارتن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪمشنر جي سربراهي ۾ هيريٽريج پرزرويشن ڪاميٽي کي فعال بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان گذريل ڏينهن ڪمشنر اقبال ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊي سي سائوٿ ارشاد سوڍڙ کي بريفنگ دوران ڪمشنر پاران ڇنڊ ڏني وئي. ڪمشنر آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن ضلعن ۾ بهتري لاءِ قدم کڻن، شهرين جا مسئلا ٻڌي انهن کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪمشنر جي سربراهي ۾ هيريٽيج پرزرويشن ڪاميٽي کي پڻ فعال بڻايو ويندو. اجلاس ۾ ڪمشنر سائوٿ جي ڊپٽي ڪمشنر ارشاد سوڍڙ کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان آفيس ۾ عوام جا مسئلا حل نه ٿا ڪريو، عوام سان ميل جول رکي سندن جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.