ڪراچي جي اهم شاهراهه تي شينهن نڪري آيو

0
248

ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي چڪر ڏيڻ بعد عمارت ۾ داخل شينهن هٿيڪو ٿي ويو آهي

پوليس ۽ وائيلڊ لائيف ٽيم شينهن کي پڃري ۾ بند ڪري کڻي ويا، جڏهن ته شينهن کي غيرقانوني طور گهر ۾ رکندڙ مالڪ به گرفتار ٿي ويو آهي

وائيلڊ لائيف اختيارين جو چوڻ آهي ته شينهن بيمار ٿيو ته کيس علاج لاءِ اسپتال نيو پئي ويو، شاهراهه فيصل تي شينهن هلندڙ گاڏي مان لهي پيو، روڊ تي شينهن جي اچڻ سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو

شينهن روڊ تي چڪر ڏيڻ بعد هڪ عمارت جي پارڪنگ ۾ داخل ٿيو، پوليس به صورتحال ڪنٽرول ۾ نه ٿيڻ بعد وائيلڊ لائيف عملي کي گهرائي ورتو،  شينهن جي مالڪ کي به طلب ڪيو ويو هو

پوليس موجب، ماڻهو غيرقانوني طور شينهن کي گهرن ۾ رکن ٿا، شينهن جي مالڪ خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي