ڪراچي جو هڪ ٻيو مورڙو به جدا ٿي ويو

0
596
اسلام آبد ۽ پنڊي ۾ ناراضگي فائدو ڪنهن کي پهچائيندي؟

چوندا آهن ته ايمان مهمان آهي. ويجهي ماضي ۾ اسان ڏٺو ته سنڌ اندر ڪيترائي وڏا نالا وقت جي بي رحم حالتن آڏو ايمان سلامت نه رکي سگهيا ڪيترا وڪجي ويا ڪن عهدا ورتا ڪن پنهنجي قوم جي ماڻهن کي پٺي ڏئي وقت جي حاڪمن سان وڃي گوڏو گوڏي سان ملايو ۽ ڪيترا ماٺ ڪري گهر جي ڪنڊ وٺي ويهي رهيا. ٿورڙا اهڙا ماڻهو بچيا جن کي وقت جون نه حالتون بدلائي سگهيون نه وري ڪنهن لالچ ۾ اچي پنهنجي ماڻهن کان منهن موڙيو، انهن چند ماڻهن ۾ هڪڙو ماڻهو محمد علي شاهه آهي جيڪو ظاهري طور سنڌ کان جدا ٿيو آهي پر محمد علي شاهه ويجهي ماضي ۾ جدوجهد جي ميدان ۾ اهڙا ته اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن  جيڪي صدين تائين مٽجي نه سگهندا. ظاهري طور ماڻهو محمد علي شاهه کي هڪ ماهيگير اڳواڻ يا هڪڙي اين جي اوز جي سربراهه طور سڃاڻن ٿا پر جن ماڻهن محمد علي شاهه کي ويجهي کان ڏٺو يا ان سان گڏ رهيا انهن کي خبر آهي ته هو پنهنجي جوهر ۾ هڪ مڪمل پورهيت دوست ۽ انقلابي اڳواڻ هو.

ڪراچي جي سمنڊ ۾ جڏهن مقامي ماڻهن جو وجود غوطا کائڻ لڳو ته هي پهريون سياسي ڪارڪن هو جنهن ڪراچي جي قديمي سنڌين کي نه رڳو گڏ ڪيو پر انهن کي عزت سان جيئڻ جا گس به ڏيکاريا. محمد علي شاهه هڪ وڏي عرصي تائين ڪراچي اندر رسول بخش پليجي جو ساڄو هٿ هو سندس پارٽي عوامي تحريڪ کي ڪراچي ۾ نه رڳو منظم ڪيائين پر جڏهن سنڌي مهاجر جهيڙا شروع ٿيا ۽ ڪراچي جي سنڌي وسندين مٿان دهشتگردن حملا شروع ڪيا ته محمد علي شاهه ڪراچي جا قومي ڪارڪن گڏ ڪري انهن ڳوٺن جو نه رڳو تحفظ ڪيو پر پاڻ به راتيون جاڳي پهرا ڏنا. هڪڙي وڏي عرصي تائين ڪراچي اندر سنڌي ماڻهن جي سياسي مالڪي ڪيائين جنهن ڪري ڪراچي ۾ قومي ڪيڊر پيدا ٿيو ۽ سنڌ جي قومپرست اڳواڻن ڪراچي تي ڌيان ڏنو. محمد علي شاهه ڪراچي جا ڳوٺ بچائڻ لاءِ اڳيان اڳيان هو. هن ڪراچي جي قديمي ماڳن مڪانن ۽ تاريخي هنڌن کي بچائڻ لاءِ لاتعداد جدوجهدون ڪيون، ايئن کڻي چئجي جهڙي ريت گل حسن ڪلمتي قلم جي ذريعي ڪراچي جي تاريخ کي سهيڙيو اهڙي ريت محمد علي شاهه وري جدوجهد ذريعي ان تاريخ جو تحفظ ڪيو.

مورڙي ميربحر جي قبر کان وٺي ڪراچي جي ٻيٽن توڙي ٻين ماڳن مڪانن لاءِ هن وقت جي سڀ کان سگهارين ڌرين سان ويڙهون وڙهيون. محمد علي شاهه ان حد تائين جدوجهد کي اڳتي وٺي آيو جڏهن ڪجهه تعصب پرستن “اپنا ڪراچي” نالي سان فيسٽيول لڳائڻ شروع ڪري اها دعوا ڪئي ته ڪراچي جا اڏيندڙ هو آهن ته اهڙي موقعي تي محمد علي شاهه مورڙو ميربحر فيسٽيول جو اعلان ڪري اهو ثابت ڪيو ته ڪراچي اڏيندڙ هن شهر جا مقامي ماڻهو آهن.

محمد علي شاهه پهريون ماڻهو جنهن پرويز مشرف ۽ ارباب غلام رحيم جي قهري دور ۾ سنڌ جي سامونڊي ڪنارن تان رينجرز سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا قبضا خالي ڪرائي اتان مهاڻن کي مڇي مارڻ جا حق ڏياريا. سائين محمد علي شاهه جي زندگي ۾ سنڌي مهاجر جهيڙن بعد هي انتهائي ڏکيو دور هو جنهن ۾ سندس زندگي هر وقت خطري ۾ هوندي هئي. هن نه رڳو بدين لڳ مٺي پاڻي جي ڍنڍن تان رينجرز جا قبضا خالي ڪرايا پر هن ريڙهي، لٽ بستي، ابراهيم حيدري، مبارڪ وليج سميت ڪراچي جي سامونڊي ڪنارن تي وقت جي سڀ کان سگهارين قوتن سان ويڙهه وڙهي ۽ کين للڪاريندي چيو ته ڪراچي جي سمنڊ جا حقيقي مالڪ هتان جا ماهيگير آهن، هن ماهيگيرن کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. ڪراچي جي دهشتگردن ۽ سگهارين ڌرين آڏو ڪراچي جا ڪيئي ڄام، جوکيا ۽ ٻيا وڏيرا ماٺ ڪري ويهي رهيا پر هي پورهيت هڪ گھڙي لاءِ به خاموش نه ويٺو، مٿس ڪيس داخل ٿيا، ڌمڪايو ۽ دٻايو ويو پر هو سراپا جدوجهد هو ۽ آخري گھڙي تائين رهيو. مونکي ياد آهي ته پرويز مشرف جي دور ۾ جڏهن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽ هڪڙي عالمي ڪمپني کي ڏنا ويا هئا ته محمد علي شاهه پهريون ماڻهو هو جنهن مشرف کي للڪاريندي اعلان ڪيو ته ڪراچي جي سمنڊ ۾ وڃڻ لاءِ مقامي ماهيگيرن وٽ انهن ٻيٽن وٽان آخري گس بچيو آهي ڀلي اسان کي ماري ڇڏيو پر شهر اڏڻ نه ڏينداسين ۽ پوءِ وقت ڏٺو ته محمد علي شاهه هزارين مردن ۽ عورتن سان اڳواڻي ڪئي ۽ وقت جي طاقتور حڪمرانن کي شڪست ڏني. هن ڇاڪاڻ ته پنهنجي سياسي سفر جي شروعات رسول بخش پليجي جي صحبت ۾ ڪئي ان ڪري سندس تحريڪن جي سرواڻي هميشه عورتن ڪئي.

تازو جڏهن موجوده دور ۾ سنڌ جا ٻيٽ ٻيهر وڪرو ٿي رهيا هئا ته مون محمد علي شاهه کي فون ڪري ٻڌايو ته پيپلز پارٽي وفاق کي ٻيٽ ڏئي چڪي آهي ۽ ڇا ٿيندو؟ منهنجي سوال ته اهڙو ٽهڪ ڏئي چيائين اسان اڃان ويٺا آهيون، ڪنهن ۾ همت نه ٿيندي ته ٻيٽ وڪرو ڪري. نه رڳو ڪراچي جا ٻيٽ سنڌ جون ڍنڍون ڍورا پر سنڌ جي ماهيگيرن کي ڪيترين عالمي تحريڪن سان ڳنڍي سندن آواز کي عالمي فورمن تائين پهچايو. هن پهريون ڀيرو جدوجهد ڪري سنڌ جي مهاڻن لاءِ فشريز پاليسي منظور ڪرائي، ٺيڪيداري نظام جو خاتمو آندو ۽ ملاحن جي روزگار کي قانوني تحفظ ڏياريو. نه رڳو ملاح پر هو سڄي سنڌ جي ماڻهن جي حقن جي تحريڪن ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو. سنڌو درياهه جو عاشق هو. تازو جڏهن ٿر اندر ڪوئلو نڪتو ۽ وڏا وڏا نالا ٿرڪول انتظاميا وٽ پاڻ مرادو وڪرو ٿيا ته ابراهيم حيدري جي هن محمد علي شاهه ٿر جي ماڻهن جي حقن لاءِ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اڄ هو سنڌ کي اداس ڪري هليو ويو آ.

اڄ ڪراچي کان هڪ ٻيو مورڙو جدا ٿيو آهي. ڪراچي جي شهر مٿان هميشه آبادي جو طوفان رهيو آهي، ان طوفان ۾ مقامي ماڻهن جي حقن توڙي وجود جا سمورا منهه آهستي آهستي ڊهي پٽ ٿي رهيا آهن جتي سنڌي ماڻهن جي سياسي حوالي سان ڪا به مالڪي نه آهي، جتي نه رڳو قديمي رهواسي پر گذريل ٻن ڏهاڪن کان ڪراچي شهر ۾ ايندڙ سنڌي ماڻهو سياسي مالڪي کان محروم آهن، اتي محمد علي شاهه جهڙي  ماڻهو جو اوچتو لاڏاڻو ڪري وڃڻ ڪنهن قومي سانحي کان گھٽ ناهي. محمد علي شاهه ڪراچي جي قديمي رهواسين کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ڳنڍيو ۽ هو هڪ اهڙو ڌاڳو هو جنهن جو هڪڙو ڇيڙو ابراهيم حيدري ته ٻيو اوٻاوڙي کان ڪاسبي تائين هو. سندس هن وڇوڙي تي سڄي سنڌ سان تعزيت ڪرڻ کپي ۽ محمد علي شاهه جي سڄي ڪم کي سهيڙي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.