ڪراچي: بولٽن مارڪيٽ  ۾ رهائشي عمارت کي باهه: هڪ ڄڻو  سڙي فوت، 3 ڄڻا زخمي

0
244

ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ  ۾ رهائشي عمارت جي 10 هين ماڙ کي اوچتو باهه لڳي وئي، هڪ ڄڻو  سڙي فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

فائر ٽينڊرز پاران باهه وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن، ريسڪيو اختيارين ، 26 ڄڻن کي ريسڪيو ڪري ورتو، عمارت ۾ ڦاٿل وڌيڪ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي کي  ريسڪيو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

وڏي وزير چيو ته عمارت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي جلد ٻاهر ڪڍيو وڃي، شهرين کي بچائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي