ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي وسندي ايف بي ايريا جي بنگالي پاڙي جي رهواسين گهر ڊاهڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مين گيٽ ٻاهران احتجاج ڪيو، احتجاج ۾ پيرسن عورتون ۽ اسڪولي ٻارڙا شامل هئا، هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي نعرا هنيا ته گهر ڊاهڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪي ايم سي ايف بي ايرياز ۾ واقع بنگالي پاڙي جي رهواسين کي 7 ڏينهن اندر علائقو خالي ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو آهي.