ڪراچي: برسات جي اڳڪٿي بعد صوبي ۾ الرٽ جاري

0
343
ڪراچي ۾ اڄ شام کان شديد

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي سميت سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ برسات جي اڳڪٿي بعد صوبي ۾ الرٽ جاري ڪيو ويو، موسميات کاتي موجب ڇنڇر ۽ آچر تي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ پي ڊي ايم اي سنڌ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي

پي ڊي ايم اي سنڌ پاران جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، دادو، ڄامشورو، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد ۾ برسات جو امڪان آهي

ان حوالي سان پي ڊي ايم اي مڪاني ادارن سميت ضلعي انتظاميا کي برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي

ياد رهي ته ڊائريڪٽر موسميات کاتي سردار سرفراز موجب اولهه وارو نظام 25 ڊسمبر تي بلوچستان مان ملڪ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، ان سسٽم تحت ڪراچي ۾ 26 ۽ 27 ڊسمبر تي هلڪي برسات جو امڪان آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي، ٿڌ ۾واڌ جو امڪان