ڪراچي: اکين جي نور کان محروم ماڻهن جو احتجاج، پوليس سان منهن ماري

0
278

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب آڏو اکين جي نور کان محروم ماڻهن پاران معذور ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري سنڌ اسيمبلي ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس جي وڏي نفري روڪي ورتو، پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ منهن ماري به ٿي، جنهن بعد اکين جي نور کان محروم ماڻهن ڦوھارا چوڪ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا.